تاريخ سنڌ ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو

تاريخ سنڌ6 ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو (ڪتاب ):تاريخ سنڌ جي نالي سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ، مولوي نورمحمد نظاماڻيءَ جي سنڌ جي تاريخ ٻن ڀاڱن ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي. پهريون ڀاڱو ”سنڌ جي تاريخ“ جي نالي سان ڊيمي سائيز جي 116 صفحن تي مشتمل جنوري 1982ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ تاريخ سنڌ جي ابتدا کان وٺي عربن جي چوڏهن حملن تائين جو ذڪر آهي. هن ڀاڱي جي قيمت 15 رپيا رکي وئي آهي. ”تاريخ سنڌ“ جي هن ٻئي جلد جو پهريون ڇاپو، 1935ع ۾، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ ڇپايو هو. ”تاريخ سنڌ“ ٻيو ڀاڱو، ڊيمي سائيز جي 143 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو جون 1983ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ان جي قيمت 15 رپيا رکيل آهي. هن ڀاڱي ۾ خلافت بنو اُميه کان وٺي عربي نسل جي سنڌ جي خودمختيار حاڪمن تائين جو ذڪر آهي.هن ڪتاب ۾ محمد بن قاسم کان پوءِ جا عرب حاڪمن جي سنڌ تي يلغار ۽ اثرن جو تفصيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪُل ڇهه باب آهن. باب پهرين ۾ محمد بن قاسم کان پوءِ جو احوال، باب ٻئي ۾ بنو اميه خلافت جي باقي زماني ۾ سنڌ جي حالتن بابت، باب ٽئين ۾ عباسي خلافت، باب چوٿين ۾ هارون رشيد کان مامون رشيد تائين جو احوال، باب پنجين ۾ سنڌ ۾ عباسين جو آخري اثر ۽ باب ڇهين ۾ عربي نسل، سنڌ جي خودمختيار حاڪمن جو احوال ڏنل آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي 1933ع ۾ ڇپايو هو


هن صفحي کي شيئر ڪريو